ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ دريا خان جلباڻي واسي ڳوٺاڻن پرويز جلباڻي، سجاد جلباڻي، عبداسميع خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل رات 3 چور چوري جي ارادي سان ڳوٺاڻن اصغر جلباڻي ۽ اشفاق جلباڻي جي گھرن ۾ گھڙي سولر پليٽون چوري ڪيون، گھر ڌڻين جي رڙين تي ڳوٺاڻا پھچي ويا ۽ مزاحمت تي چورن ڳوٺاڻي اشفاق جلباڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ چور بلاول عرف بلو ابڙو کي سوگهو ڪري ڀريا پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته 2 چور فرار ٿي ويا، ھنن الزام هنيو ته ڀريا پوليس چورن سان ٻٽ بڻيل آھي، جنهن ڪري بدامني تي ضابطو اچي ناهي سگهيو، ھوڏانھن ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺاڻي اشفاق جلباڻي جي فرياد تي جوابدارن بلاول عرف بلو ابڙو، باسط خاصخيلي ۽ خادم خاصخيلي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.