ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ ڪاڪڙيجي واري  علائقي مان زرعي زمين ۾ بيٺل وڻ ۾ 37 سالن جي شخص جو ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ بعد اطلاع ملڻ تي ٽنڊوغلام حيدر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش واقعي واري هنڌان کڻائي تعلقي اسپتال ٽنڊو غلام حيدر منتقل ڪيو. فوتي جي کيسي مان مليل شناختي ڪارڊ ۾ سندس نالو چنو پٽ موهن ڪولهي ويٺل ڊگھه موري اسٽاپ لڳ ڳوٺ حاجي شفيع محمد نظاماڻي ڄاڻايل آهي. پوليس موجب فوتي جي وارثن سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته سندس توازن ٺيڪ نه هو. نوجوان ٽن ڏينهن کان گهر کان گم هو. ضروري قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.