لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مارڪيٽ ٿاڻي جي حد شاهي بازار ۾ اڻڄاتل عورتون سونارڪي دڪان تان هڪ تولي سون جو سيٽ چوري ڪري فرار ٿي ويون، اهڙو اطلاع پوليس کي ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي دڪاندار کان تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. دڪان مالڪ صرافه يونين جي اڳوڻي صدر مهتاب شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته رش دوران چار عورتون دڪان تي آيون جيڪي هڪ لک ماليت جو سونو سيٽ الماري مان کڻي فرار ٿي ويون، پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد چور عورتن جو پتو لڳايو ويندو.