ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ پهاڙ مريءَ ۾ جوا کان منع ڪرڻ تي ميمڻ برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو، هڪ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي. خبر موجب ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ پهاڙ مريءَ ۾ ميمڻ برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ جوا کيڏڻ کان منع ڪرڻ تان جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران ڪهاڙيون لڳڻ ڪري غلام محمد ميمڻ ۽ سندس زال ۽ ٻِي ڌر جو صداقت ميمڻ زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيو ويو آهي. زخمي غلام محمد ميمڻ ٻڌايو ته اسان جي گهر ڀرسان ڪي ماڻهو جوا راند ڪندا آهن، منع ڪرڻ تي صداقت ميمڻ ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي ڪهاڙيون هڻي مون کي ۽ منهنجي گهر واري کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. هن ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته بااثر ممتاز ميمڻ ۽ سندس پٽ صداقت ميمڻ کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف اين سيز داخل ڪرايون ويون آهن.