کوسڪي (ن پ ا) شادي لارج ويجھو موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ھڪ عورت سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبر موجب شادي لارج ويجھو بدين ٿرپارڪر روڊ تي نيوي پمپ وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ گولاڙچي جا رھواسي 4 ڄڻا 35 سالن جي مسمات ھيران زال ڪرشن، 18 سالن جو نريش، 17 سالن جو جڳديش، ۽ پنجن سالن جو معصوم گووند ميگهواڙ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي شادي لارج انڊس اسپتال مان ابتدائي طبي امداد کان پوءِ وڌيڪ علاج لاءِ بدين منتقل ڪيو ويو آهي.