بهرام/سجاول جوڻيجو (نمائندن وٽان) بهرام ۽ سجاول جوڻيجو ويجهو باهه لڳڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 4 گهر سامان سميت سڙي رک ٿي ويا. خبر موجب بهرام لڳ ڳوٺ رضا محمد بروهي ۾ چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب ٽن ڳوٺاڻن صادق پتوجو، عبدالقادر ۽ عبدالحق پتوجو جا گهر سڙي رک ٿي ويا، هوڏانهن سجاول جوڻيجو لڳ ڳوٺ ٿرڙي ۾ ڳوٺاڻي ياسين آرائين جي گھر کي چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت جو گهر سڙي رک ٿي ويو، متاثر موجب باهه سبب گھر ۾ پيل اناج، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي.