نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي ليجنڊ ڪرڪيٽر سچن ٽنڊوالڪر آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي 4 سيمي فائنلسٽ ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو. برطانوي اخبار ٽيلي گراف کي ڏنيل انٽرويو ۾ اڳوڻي ليجنڊري ڪرڪيٽر سچن ٽنڊوالڪر چيو ته روهت شرما جي قيادت ۾ ڀارتي ٽيم بابر اليون کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شڪست ڏيندي پر پاڪستاني ٽيم ۾ ڀارت کي هارائڻ جي صلاحيت موجود آهي. ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ جو مضبوط دعويدار ڪير آهي؟ جي سوال تي سچن ٽنڊوالڪر چيو ته مان چاهيان ٿو ڀارت چئمپين بڻجي پر پاڪستان، آسٽريليا ۽ انگلينڊ مضبوط اميدوار آهن، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون ڊراڪ هارس سمجهي سگهجن ٿيون. سچن ٽنڊوالڪر چيو ته ڀارت وٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ جو موقعو آهي ۽ متوازن سائيد آهي البته ٽيم جي پرفارمنس جي حوالي سان ڪافي مطمئن آهيان.