ڪراچي(شوبز نيوز) برطانوي شهزادي ليڊي ڊيانا جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا پاڪستاني اداڪار همايون سعيد جي صلاحيتن جي مداح ٿي وئي. الزبٿ ديبيڪي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ همايون سعيد سان گڏ دي ڪرائون فلم جو تجربو ٻڌايو ۽ چيو ته “اهو تمام زبردست ۽ سٺو اداڪار هئڻ سان گڏوگڏ خوبصورت شخصيت جو مالڪ به آهي. برطانوي اداڪارا وڌيڪ چيو ته “مان همايون سعيد سان گڏ فلم ڪري پاڻ کي خوش قسمت محسوس ڪري رهيون آهيان ڇو ته هن پنهنجو ڪم ڀرپور انداز سان ڪيو” الزبٿ چيو ته اوهان کي اندازو ناهي ته همايون سعيد جهڙا باصلاهيت اداڪار سان ڪم ڪري منهنجي اندر ڪيترو نکار ۽ احساس پيدا ٿيو، جڏهن اوهان فلم ڏسندا ته ان جو چڱي ريت اندازو ٿي ويندو. هن همايون سعيد جي ڪردار جي حوالي سان ڪيل سوال تي بس ايترو ٻڌايو ته اهو ڊاڪٽر حسنات جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مان ان کان وڌيڪ ڪجهه نٿي ٻڌائي سگهان.