ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي برسات متاثر فنڪارن پاران سائتا نه ٿيڻ تي سازن سان گڏجي راڳ ڳائي ضلعي انتظاميه ۽ ثقافت کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي راڳي ويلفيئر ايسوسيئشن جي ضلعي صدر ذوالفقار خاصخيلي راڳي محمد خان رند ۽ ٻين چيو ته برسات سبب اسان فنڪارن جا به گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن عام ماڻهن سان گڏ فنڪار به برسات سبب سخت متاثر ٿيو آهي پر ضلعي انتظاميه توڙي ثقافت کاتي پاران اسان جي ڪا به سار ناهي لڌي هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي سي ٽنڊوالهيار سان ملاقات لاءِ ويا آهيون پر اسان کي ڊي سي سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي نه ئي ثقافت کاتي پاران اسان جي ڪا مدد ڪئي وئي آهي هنن چيو ته برسات بعد اسين سخت پريشان آهيون اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ضلعي اندر ڪيترين ئي فنڪارن جا گهر ڊهي ويا آهن ۽ اهي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي راشن ٽينٽ ۽ ٻيو امدادي سامان ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو