پيرس(اسپورٽس نيوز) چوندا آهن ته شوق جو ڪوبه مول ناهي ۽ جنون جي ڪابه حد ناهي. ان جو مظاهرو فرانس ۾ هڪ شخص پنهنجي 60 هين سالگره تي بغير ڪنهن رسيءَ جي مدد سان 613 فوٽ ڊگهي عمارت تي چڙهي ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪوهه پيمائي جو شوق رکندڙ فرانسيسي شهري ايلين رابرٽ ٽور ٽوٽل انرجي جي 48 منزله عمارت تي وڏي مهارت ۽ بغير ڪنهن اضافي مدد سان چڙهي سوشل ميڊيا تي “فرانسيسي اسپائيڊر مين“ جو لقب حاصل ڪري ورتو. عمارت تي چڙهڻ وقت اسپائيڊر مين جهڙو ڳاڙهو لباس پهريل ايلين رابرٽ اهڙو ڪارنامو پنهنجي 60 هين سالگره جي موقعي تي انجام ڏئي اهڙو پيغام ڏنو ته اڃا ته مان جوان آهيان. 60 سالن جو رابرٽ 187 ميٽر بلند عمارت تي صرف 60 منٽن ۾ چڙهي ويو ۽ مٿي پهچي فتح جي جذبي سان سرشار پنهنجي هٿن کي بلند ڪري ڪاميابي جو اعلان ڪيو. اهو پهريون موقعو ناهي جڏهن رابرٽ ٽور ٽوٽل انرجي ٽاور تي چڙهيو اهو ان کان اڳ موسمياتي عمل بابت عوامي بيداري وڌائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ان جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.