ٺاروشاھ (ن پ ا) درٻيلو ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ زمين جي مالڪي تان ڪلهوڙا ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري  30 ورهين جو صدام پٽ نظير چانڊيو قتل ٿي ويو، جڏهن ته ڀاڳوديرو ۽ پپري ٿاڻن جي پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي واقعي واري هنڌ نه پهتي، ٻي طرف ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، هوڏانهن مقتول نوجوان جي والد نظير چانڊيو ٻڌايو ته درياءَ جو پاڻي لهي وڃڻ بعد پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپسي وياسين ته اسان جي زمين تي ڪلهوڙا برادري  جا هٿياربند ويٺل هئا، جنهن تي اسان زمين ڏانهن وڌي رهيا هئاسين ته هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب  منهنجو پٽ قتل ٿي ويو، هن ٻڌايو ته اسان ڀاڳوديرو ٿاڻي تي وياسين ته پوليس پپري ٿاڻي جي حد جو چئي موٽائي ڇڏيو ۽ پپري ٿاڻي وارا به حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل نٿا ڪن.