لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماوره حسين جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ اولهه جي لباس ۾ ڏسي سگهجي ٿو جنهن ۾ اها گهڻي خوبصورت لڳي رهي آهي. ان تصوير تي مداحن طرفان تعريفن جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي. ان کان اڳ اداڪارا انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي هئي جنهن کي مداحن طرفان گهڻو پسند ڪيو ويو هو.