ٽسلا جو ٽڪر ڪير ڪندو؟

0
178

  ٽسلا ڪارون ٺاهيندڙ ڪمپني پنهنجي پهرئين جنريشن جي سيٽلائيٽ فونز کي لانچ ڪندي. جيڪا تيز ترين انٽرنيٽ استعمال جي قابل هوندي، دنيا ۾ ڪٿي به هجو چاهي توهان پاڻيءَ هيٺ آهيو يا 100 ميٽر اونهي کوهه ۾، توهان اعليٰ معيار جي خدمت مان لطف اندوز ٿيندا ۽ دنيا ۾ ڪو به ماڻهو توهان جي ڪالن کي ڪنٽرول يا مداخلت ڪرڻ جي قابل نه هوندو. ڇو ته اهو هڪ سيٽلائيٽ فون هوندو. انهي سان گڏ، توهان پنهنجي گاڏي کي ريموٽ طور استعمال ڪندي ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا. ان سان گڏ فون بجليءَ تي بلڪل به چارج نه ٿيندو، ان جي بدران اهو پاڻ کي فائبر آپٽڪس ذريعي چارج ڪندو، ۽ ان جي بيٽري ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. فون جي ميموري 1000 کان 2000 گيگا بائيٽ جي وچ ۾ آهي. ٽسلا پاران ان جي OEM لائسنس کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ GA جو اعلان ڪيو ويندو. جواب ۾ سنيل ڪمار چيو ته ٽيسلا وارن کان اپيل ٿا ڪريون ت سستو اٽو ٺاهين اسين اڃان اوڻويهه سئو اونداه ۾ پيا جيئون. راشد رولاڪ ڪمنٽ ڪيو ته ويلڪم موبائل پر ماڻهو کوهه ۾ وڃڻ کانپوءِ ڪيئن موبائل هلائيندو. (گهنشام ميگهواڙ جي فيس بڪ پوسٽ)