اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ٽرانس جينڊر ايڪٽ 2018ع خلاف درخواستن تي وفاقي شرعي عدالت سينيٽر مشتاق احمد خان ۽ فرحت الله بابر جي ڌر بڻجڻ واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون، وفاقي شرعي عدالت ۾ ٽرانس جينڊر ايڪٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سمورين ڌرين کان سفارشون طلب ڪري ورتيون آهن. سينيٽر مشتاق، فرحت الله بابر، الماس بوبي سميت ٻين اڳواڻن ڌر بڻجڻ جون درخواستون ڏنيون، جيڪي عدالت منظور ڪري ورتيون. عدالت سمورين ڌرين کي پنهنجون سفارشون لکت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت  ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار فرحت الله بابر عدالت کي ٻڌايو ته ٻن بلن کي گڏائي هڪ بل ٺاهيو ويو هو، بل ٺهڻ وقت سڄي اسيمبلي ان کي منظور ڪيو هو، آئون ان سڄي عمل ۾ شامل هئس، جڏهن ته بل تي ڪهڙا اعتراض واريا ويا هئا ۽ ڪهڙو بحث ٿيو هو اهو عدالت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. سينيٽر مشتاق جي وڪيل جو چوڻ هو ته سينيٽ ۾ نئون بل جمع ڪرايو ويو آهي، ڪنهن کي به پنهنجي مرضي سان جنس تبديل ڪرڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران شرعي عدالت جي وقتي چيف جسٽس چيو ته اصل مسئلو ٽرانس جينڊر جي حقن جو آهي، جنهن جا به جيڪي حق آهن اهي کين ملڻ گهرجن، ڪميونٽي کي تحفظ ۽ حق ڏيڻ اصل مقصد آهي، ڪير اکيون بند ڪري ڇڏي ته اهو انڌو نه ٿي ويندو. وقتي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ٽرانس جينڊر جي ڪوٽا لاءِ حڪومت جو ڪهڙو طريقيڪار آهي؟ ائين نه ٿئي جو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪير ٽرانس جينڊر جو ڪارڊ ٺهرائي ڇڏي.انساني حقن جي وزارت جي نمائندي چيو ته ٽرانس جينڊر ايڪٽ تي عمل سان هم جنس پرستي کي هٿي نٿي ملي، جڏهن ته کين نوڪريون ڏيڻ جو طريقيڪار پڻ موجود آهي. عدالت کي آگاهي ڏني وئي آهي ته انساني حقن واري وزارت جو ڪم رڳو عمل ڪرائڻ آهي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته جنهن جا به جيڪي حق آهن اهي انهن کي ملڻ گهرجن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.