انقرا (م ڊ) ترڪيا جي صدر رجب طيباردگان چيو آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين ۾ جنگ جو خاتمو چاهي ٿو. آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ترڪيا جي صدر چيو آهي ته صدر پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه ۾ اهو اندازو ٿيو ته هو يوڪرين جنگ جو جلد خاتمو چاهي ٿو. هن چيو ته روسي صدر يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ اهم قدم کڻي سگهي ٿو. ترڪ صدر موجب يوڪرين هن مهيني پنهنجو تمام وڏو علائقو روس جي قبضي مان واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، روس جي لاءِ صورتحال گهڻي پريشان ڪندڙ آهي. هن وڌيڪ چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ 200 قيدين جي مٽاسٽا جلد ٿي سگهي ٿي، ذريعن موجب ترڪيه جي ٽياڪڙي بعد ٻئي ملڪ قيدين جي مٽا سٽا تي راضي ٿيا آهن.