ٻيلي ۾ 40 سال گذاريندڙ همراهه پهريون ڀيرو ٻاهرين دنيا ڏسي حيران

0
297

هنوئي(دلچسپ نيوز) ٻيلي ۾ 40 سال گذاريندڙ همراهه پهرين ڀيرو ٻاهرين دنيا ڏسي حيران ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ويٽنام ۾ هو وين نالي 52 ورهين جي شخص زندگي جا 40 سال ٻيلي ۾ گذاريا، ٻيلي کاتي جي عملدارنوڏي جدوجهد بعد کيس ٻيلي مان ٻاهر ڪڍيو

هو وين کي هٿ ڪندڙ ٻيلي کاتي جي عملدارن جهاز ۾ چاڙهي سير ڪرايو، هوائي سفر دوران هو سمنڊ، آسمان کي ڇهندڙ عمارتون ۽ ماڻهو ڏسي حيران ٿي ويو جڏهن ته ريئل لائيف ٽارزن جي دنيا کي پهرين ڀيرو ڏسڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو وين ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ موت کان اڳ دنيا کي ڏسي ورتو جڏهن ته سندس وائرل ٿيل وڊيو موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ جي آهي.