جم ۾ زال جو مڙس کي محبوبا سان گڏ ڏسي چپلن سان ڪٽڪو

0
412

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) جم ۾ زال جو مڙس کي محبوبا سان گڏ  ڏسي چپلن سان ڪٽڪو، وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديس ۾ 30 ورهين جي هڪ عورت کي اطلاع مليو ته سندس مڙس پنهنجي محبوبا کي وٺي جم ۾ ويو آهي جنهن بعد عورت ڀيڻ سان گڏ جم تي چڙهائي ڪري ڏني

عورت جم پهچندي ئي مڙس کي محبوبا سان ڏسي چپلن جا وارا لائي ڏنا جڏهن ته مڙس جي محبوبا به بچي نه سگهي ۽ چپلن جو زبردست نشانو بڻجي وئي، سوشل ميڊيا تي زال جي مڙس ۽ محوبا کي ڪٽڪي واري وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي جڏهن ته صارفين دلچسپ تبصرا به ڪري رهيا آهن.