ٻوڏ متاثرن جي بحالي

0
216
ٻوڏ متاثرن جي بحالي

 موسمياتي ڦير گهير ڪري 2022ع ۾ آيل برساتي ٻوڏ جنهن وڏي پئماني تي تباهي آندي، انهيءَ دنيا کي پريشان ڪري وڌو. اٽڪل ٻه مهينا مسلسل برساتن جي ڪري تقريبن 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 1300 جي قريب انساني جانيون ضايع ٿيون ٻوڏ جي ڪري جتي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو، اتي ماڻهن جو مال متاع، گھر گھاٽ پڻ متاثر ٿيا. ڳوٺن جا ڳوٺ يا ته برساتي وهڪري ۾ لڙهي ويا يا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا. ايڏي وڏي پيماني جي تباهي ڪري فورن جيڪو مسئلو سامهون آيو ته ماڻهن کي ٻوڏ هيٺ آيل علائقن مان ڪڍي ڪنهن محفوظ جاءِ تي پهچائڻ ۽ اتي ان جي سارسنڀال ڪرڻ. سرڪار پنهنجن سڀني وسيلن کي استعمال ڪندي پهرين مرحلي کي منهن ڏنو. هاڻي ٻيو مرحلو انهن ماڻهن جي ٻيهر آباد ڪاري آهي. ملڪي  توڙي غير ملڪي ادارن جي اندازي مطابق ٽيهه ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. اقوام متحده طرفان دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي گذارش جي نتيجي ۾ 9 جنوري 2023ع تي دنيا جي مختلف ملڪن جو ميڙ جنيوا ۾ ٿي گذريو. اخباري اطلاعن مطابق انهيءَ ميڙ ۾ پاڪستان طرفان ٻيهر آباد ڪاري لاءِ 16.35 ارب ڊالر گهريا ويا، جيڪي 3 سالن جي عرصي ۾ گهربل هوندا. ان جي موٽ ۾ دنيا طرفان تقريبن ڏهه ارب ڊالر مدد ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو انهيءَ مان 8 ارب ڊالر قرض آهي. انهيءِ ۾ اسلامي ترقياتي بينڪ ،عالمي بينڪ ، ايشيائي ترقياتي بينڪ، فرانس، ، يورپي يونين ، جرمني، جاپان ، برطانيا ۽ آذر بائيجان شامل آهن. پاڪستان سرڪار طرفان گهريل 16.3 ارب ڊالر مان بلوچستان لاءِ 2.345 ارب ڊالر، سنڌ لاءِ 7.9 ارب ڊالر ۽ پنجاب لاءِ تقريبن ڇهه ارب ڊالر ٻيهر آباد ڪاري لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن. هڪ ٻي اخباري خبر موجب عالمي بينڪ،  سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ٻيهر گهر ٺاهڻ لاءِ 248 ملين روپين  قرضن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ٻوڏ متاثرن جي بحالي مليل ڄاڻ مطابق 88 ملين روپين جي لاڳت سان بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. اهي سڀ پئسا عالمي بينڪ ڏيندي. جڏهن ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ گھر ٺاهڻ لاءِ 160 ملين روپين جي لاڳت سان رٿا شروع ڪئي ويندي، انهيءِ ۾ 110 ملين روپيا عالمي بينڪ جو قرض شامل هوندو، باقي 50 ملين روپيا سنڌ سرڪار ڀريندي. انهيءَ منصوبي هيٺ سنڌ جي 24 ضلعن ۾ 4,65,228 مڪمل تباهه ٿيل گهر ٻيهر ٺاهيا ويندا ۽ هڪ لک نقصان پهتل گهرن جي مرمت ڪئي ويندي ۽ ٻوڏ جي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جو سسٽم لڳائڻ ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ احتياطي اپاءُ وٺڻ شامل هوندو.2022ع جي برساتي ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ ٻه ڪروڙ جي قريب ماڻهو متاثر ٿيا هئا. هن وقت به ڪجهه ٻوڏ متاثرين اڃا تائين پنهنجي گهرن ۾ واپس نه اچي سگهيا آهن. يونيسيف جي هڪ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ چاليهھ  لک ننڍا ٻار ٻوڏ واري بدبودار ۽ گندي پاڻي ۾ ڦاٿل ھئڻ ڪري  نمونيا ۽ ٻين ٻاراڻي بيمارين جو شڪار ٿي سگھن ٿا .ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو ڪم ايندڙ برساتي موسم کان پهرين مڪمل ٿيڻ کپي. گذريل برساتي ٻوڏ جيئن ته موسمي ڦيرڦار جي ڪري آهي، انهيءَ ڪري اهو ممڪن آهي ته هن سال  وري ساڳئي صورت حال پيدا ٿئي. جيئن ته سنڌ ۾ تقريبن 2 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اهو ناممڪن آهي ته هيترن سارن ماڻهن کي لڏائي ڪنهن محفوظ هنڌ تي وسائجي. اها انساني نفسيات ۽ ثقافتي مسئلو آھي ته ماڻھو پنهنجي ماڳ مڪان، پراڻن پڊن ۽ مقام جتي سندس وڏڙا دفن آهن. انهن کان پري وڃي نه رهڻ چاهيندو.انهيءَ ڪري ٻوڏ متاثرين کي سندن آبائي پڊن تي وسايو وڃي. ايندڙ ممڪنه ٻوڏ کان بچڻ خاطر سندن گهر جيڪڏهن ممڪن هجي ته مٿانهين واري هنڌ تي ٺاهيا وڃن يا وري اتي مٽي وجهي دڪا ٺاهي انهيءَ تي گهر ٺاهيا وڃن. تازو پاڪستان جي مشھور آرڪيٽيڪٽ ياسمين لاري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سستا ۽ مضبوط گهرن جو نمونو پيش ڪيو آهي. انهن گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان يعني ڪاٺ، گارو، بوهه ۽ ٻيو سامان مقامي طور آساني سان ملي سگهي ٿو. انهن گهرن ٺهڻ سان مقامي ماڻهن کي جتي روزگار ملندو، اتي مقامي واپار کي پڻ هٿي ملندي. ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ملندڙ امداد / قرض جو صحيح استعمال ڪيو وڃي. هن وقت جنهن امداد/ قرض جو دنيا طرفان اعلان ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ اهو پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو ته اها رقم عالمي مالياتي فنڊ جي رضامندي سان مشروط هوندي. عالمي مالياتي فنڊ  جا شرط تمام گهڻا سخت آهن، جن ۾  ڊالر تان سرڪاري بندش لاهي کلي مارڪيٽ ۾ ڇڏڻ ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو  ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن سرڪار اهي شرط مڃي ٿي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويندو. جنيوا ۾ اعلانيل قرض ان وقت تائين نه ملندا جيستائين سرڪار پنهنجا منصوبا لاڳاپيل مدد ڏيندڙ ادارن کي پيش نه ڪندي. اها ڳالھه پڻ اهم آھي ته ٻوڏ متاثرين لاءِ ٺاهيل منصوبا هر لحاظ کان مڪمل ڪيا وڃن. ايئن نه ٿئي جو اڌوراڻا ڪم ٿين، جيئن 2005ع ۾ ڪشمير ۾ آيل زلزلي جي متاثرين جي بحالي لاءِ مليل امداد مان شروع ڪرايل ڪم اڌ ۾ ڇڏيا ويا.  انهن حالتن ۾ اسان کي جيڪا به امداد ملي ٿي، انهيءَ مان اهڙا ڪم ڪرايا وڃن جيڪي ايندڙ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکندا هجن.