اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف کي ٻوڏ سبب ملڪي معيشت کي ٿيندڙ نقصان جي شروعاتي ڪاٿي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ سبب زراعت ۽ انفرا اسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ٻوڏ سبب ڪمزور ملڪي معاشي صورتحال کي لڳ ڀڳ 12 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، جنهن ڪري هلندڙ مالي سال دوران ملڪ اندر معاشي ترقي 5 سيڪڙو بجاءِ 3.3 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، معاشي ترقي ۾ گهٽتائي سبب ملڪ اندر روزگار جي ذريعن ۾ 1.2 سيڪڙو تائين  گهٽتائي اچڻ جو به خدشو پيدا ٿي ويو آهي، ٻوڏ سبب لڳ ڀڳ 200 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جا ترقياتي منصوبا مڪمل نه ٿي سگهندا، منصوبا متاثر ٿيڻ سان به لڳ ڀڳ 6 لک ماڻهن کي روزگار نه ملي سگهندو، ذريعن مطابق ملڪي معيشت کي پهتل نقصان بابت ناڻي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف اختيارين سان به رابطا ڪيا آهن، جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بينڪ، عالمي بينڪ ۽ ٻين ادارن کي به ملڪي معاشي صورتحال کي ٻوڏ سبب پهتل نقصان جي شروعاتي ڪاٿي جون رپورٽون موڪلڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، عالمي مالياتي ادارن کان موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي مدد لاءِ رابطو ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.