پشاور(م ڊ) ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي هڪ ايم پي اي عمران خان کان بغاوت ڪندي سندس قيادت رد ڪندي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته وڌيڪ 20 ايم پي ايز به مون سان گڏ آهن. پي ڪي 72 پشاور مان چونڊيل ميمبر محمد فهيم چيو ته موجوده اڳواڻن جي قيادت ۾ ڪم نه ٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، اسان جون ترقياتي رٿائون به روڪيون ويون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا 20 کان وڌيڪ ميمبر مون سان رابطي ۾ آهن وقت اچڻ تي اهي به پارٽي ڇڏي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪي پي جي هر کاتي ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي ۽ جلد وڌيڪ حقيقتون پڌريون ڪندس. پرويز خٽڪ کانسواءِ ڪنهن کي به ليڊر نه ٿو مڃان، عمران خان ملڪي مفادن لاءِ ڪم نه پيو ڪري. ان کان اڳ ايم پي اي سلطان محمد به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ اي اين پي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.