لسبائو (دلچسپ نيوز) ٻن جبلن وچ ۾ دنيا جي ڊگهي پل کولي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پرتگال ۾ ٻن جابلو چوٽين کي ملائڻ لاءِ دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي پل عوام جي تفريح لاءِ کولي وئي آهي. خوبصورت جابلو علائقي ۾ کوليل ان پل جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد عوام جو وڏو انگ پهچي مزو ماڻي رهيو آهي. 516 ميٽر ڊگهي پل ذريعي ٻن جابلو چوٽين کي پاڻ ۾ ملايو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پل تي ڪمزور دل وارن ماڻهن جو هلڻ مشڪل آهي، ماڻهو ان پل ذريعي خوبصورت نظارن جو سير پنڌ هلي ڪن ٿا.