سڊني (دلچسپ نيوز) ڀارت مان ڪورونا جي بدترين صورتحال کي ڏسندي آسٽريلوي حڪومت ڀارت ۾ موجود پنهنجي شهرين جي ملڪ واپسي تي پابندي لاڳو ڪندي ان کي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريلوي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڀارت ۾ موجود ان جي شهرين کي ملڪ واپسي جي صورت ۾ سزائون ڏنيون وينديون. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت ۾ موجود آسٽريلوي شهري جيڪڏهن ملڪ واپس ويندا ته انهن کي پنج سال جيل ۽ ڳري ڏنڊ کي منهن ڏيڻو پوندو. جڏهن ته ان کان اڳ آسٽريلوي حڪومت ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ سفر تي عارضي پابندي به لاڳو ڪئي هئي.آسٽريلوي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو قرنطينه ۾ موجود ماڻهن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي. جيڪو ڀارت ۾ ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن. ان کان اڳ هلندڙ هفتي جي شروعات تي آسٽريلوي حڪومت ڀارت مان ايندڙ سمورن اڏامن تي به پابندي لاڳو ڪري چڪي آهي.ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ اندازي موجب ڀارت ۾ تقريبن 9 هزار آسٽريلوي شهري موجود آهن جن مان 600 جون حالتون خراب آهن. آسٽريلوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته آسٽريليا جي حڪومت پنهنجي شهرين جي ملڪ واپسي کي ئي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي.