لنڊن (دلچسپ نيوز) گالفر 277 ميٽر فاصلي تي هلندڙ ڪار ۾ بال وجهي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انگلينڊ جي مارڪس آرميٽيج 277 ميٽر جي فاصلي تي هلندڙ ڪار ۾ بال وجهي عالمي رڪارڊ جوڙيو آهي. مارڪس آرميٽيج گالف جي ڪنهن به وڏي ايونٽ ۾ ڪاميابي نه ماڻي سگهيو هو، گالفر پنهنجي ان محرومي کي ڪاميابي ۾ بدلائڻ لاءِ چيلينج قبول ڪيو، مارڪس هلندڙ ڪار ۾ مهارت سان شارٽ هڻي بال وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.آرميٽيج کان اڳ اهو رڪارڊ 2012 کان ڊيوڊ ڪولٿارڊ وٽ موجود هو.