ٻانڌي: ٻانڌي لڳ ڳوٺ حاجي غلام حيدر پتافي جي رھواسي رٽائرڊ پرائمري اسڪول ٽيچر ثمر حسين پتافي جو نوجوان پٽ بابر علي پتافي سي ايس ايس پاس ڪري اي ايس پي بڻجي ويو، بابر علي پتافي 2018 ۾ قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھ مان اليڪٽريڪل انجنئيرنگ ۾ سيڪنڊ پوزيشن ۾ گريجوئيشن ڪئي، ھن سي ايس ايس جو 2020 ۾ امتحان ڏنو جنھن ۾ ھو پاس ٿي ويو جنھن ۾ ھن پوليس سروس آف پاڪستان گروپ حاصل ڪيو آھي، سنڌ رورل جي ڪوٽا ۾ ھن پھرين پوزيشن حاصل ڪئي آھي. بابر علي پتافي پڙھيل لکيل گھراڻي سان تعلق رکي ٿو جنھن جو والد ثمر حسين پتافي پرائمري اسڪول ٽيچر ھو، جڏھن تہ سندس جو پھريون پٽ الفت حسين پتافي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن ۾ پرنسپل انجنئير آھي، ٻيو نمبر عمران علي پتافي جيڪو آسٽريليا ۾ آھي جنھن ٽيلي ڪميونيڪيشن انجنئيرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آھي، جيڪو ڊيٽا سائنٽسٽ جو ڪم ڪري ٿو، جڏھن تہ ٽيون نمبر امتياز علي پتافي منسٽري آف ڪامرس ۾ ٽريڊ اينڊ ڊولپمنٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۾ جي ايس پي آفيسر آھي، بابر علي پتافي جي ڪاميابي بعد ٻانڌي ۽ سندس ڳوٺ ۾ خوشي وارو ماحول ڇانيل آھي.