سعودي عرب (جاويد راهو) سعودي عرب هاڻي مهمانن کي ريڊ ڪارپيٽ جي بدران ڄمون رنگ جي قالين تي ڀليڪار چوندو. سعودي وزارت ثقافت جو چوڻ آهي ته ڄمون رنگ جو صحرائي گل سندن ثقافت جو حصو آهي ۽ انهي رنگ جا نوان قالين انهي ثقافت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ وڇايا ويا آهن. سعودي عرب جي ريگستانن ۾ ڄمون گل خوبصورتي کي اجاگر ڪري ٿو. سعودي وزارت ثقافت رائل ايئر پورٽ تي نوان ڄمون رنگ جا قالين وڇائي ڇڏيا آهن، جنهن تي پرڏيهي مهمانن جو استقبال ڪيو ويندو. پرڏيهي سفيرن پاران سعودي عرب جي انهي قدم جي آجيان ڪئي، وزير اعظم عمران خان به انهي ڄمون رنگ جي قالين تي هلي پاڪ سعودي لاڳاپن کي اڳتي وڌائيندو.