ٺٽي ۽ ڀرپاسي زرعي پاڻي جي سخت کوٽ، زرعي زمينون غيرآباد

0
314

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي آبادگارن پاران برانچ اڏيرو لال مان نڪرندڙ 10 کان مٿي شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ڳاڙهي شهر ۾ عورت وڪيل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪري سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي وڪيل امت الحفظ، امين خليفو، رمضان لاشاري، محمد الرحيم، محمد جت ۽ ٻين  دانهيندي چيو ته  ڪيٽي بندر ، گھوڙاٻاري ، کاروڇاڻ کي آبادي توڙي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ڪندڙ پيرينل اڏيرو لال برانچ مان نڪرندڙ شاخن دارسي، مليرڙي، پالڪي، گھوڙاٻاري، جھالو، انڊو ۽ ڳاڙهو شاخ سميت 10 کان مٿي شاخن جي پوڇر تائين پاڻي جي رسد نه ٿيڻ ڪري پوکيل سندن  فصل سوڪهڙي جي ور چڙهي تباهي ڪنڌيءَ تي پهچي رهيا آهن، اڳواڻن چيو ته پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، چوپايو مال پڻ اڃ وگھي تڙپي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شاخن ۾ پاڻي پهچائي فصل بچايا وڃن.