طالبان مرڪزي بينڪ جي سربراھ ۽ تعليم واري وزير جي مقرري ڪري ڇڏي

0
347

ڪراچي(م ڊ) طالبان افغانستان جي مرڪزي بينڪ جي سربراهه ۽ تعليم واري وزير جي مقرريءَ ڪري ڇڏي.

افغان ميڊيا موجب ڪابل تي طالبان جي ڪنٽرول جي 9 ڏينهن بعد طالبان جي طرفان مختلف مقررين جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن بعد طالبان مرڪزي بينڪ جي سربراهه ۽ تعليم واري وزير جي مقرريءَ ڪري ڇڏي. ميڊيا رپورٽس موجب طالبان جي طرفان حاجي محمد ادريس نالي سان مشهور مُلا عبدالقادر کي مرڪزي بينڪ جو وقتي سربراهه بڻايو ويو جڏهن ته هيمت اخوند زاده کي وقتي تعليم وارو وزير بڻايو ويو آهي.

افغان ميڊيا موجب ملا عبدالقادر پنهنجي مقرريءَ کانپوءِ افغان سينٽرل بينڪ جي اسٽاف سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ هن عملي کي ڪم تي واپس اچڻ جي هدايت ڪئي. افغان ميڊيا سينٽرل بينڪ جي سربراهه جي مقرريءَ کي اهم قرار ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي بينڪس بند هجڻ سان عوام کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ۽ اهڙي وقت تي سينٽرل بينڪ جي سربراهي جي مقرري بهتر عمل آهي.

تعليم واري وقتي وزير هيمت اخوند زاده جي طرفان به هڪ گڏجاڻي گهرائي وئي جنهن ۾ هن چيو ته طالبان ڇوڪرين جي تعليم لاءِ پرعزم آهي ۽ شرعي قانون جي حد ۾ رهي ڪري سمورا ڪم ڪيا ويندا. واضح رهي ته طالبان آچر ڏهاڙي 15 آگسٽ 2021 تي افغان جي گادي واري شهر ڪابل تي قبضو ڪيو هو جنهن کانپوءِ اتي موجود آمريڪي فوجي ۽ افغان صدر اشرف غني سوڌو ڪيرائي حڪومتي عهديدار ملڪ مان فرار ٿي ويا آهن.