ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي براد آباد ريلوي اسٽيشن ويجھو نامعلوم شخص جي هٿ آيل لاش  کي حد جي پوليس سول اسپتال مڪلي مان ضروري ڪاروائي بعد لاوارث ڄاڻائي ايڌي حوالي ڪري ڇڏيو . چيو وڃي ٿو ته گذريل رات دير سان ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي جي علائقي براد آباد ريلوي اسٽيشن لڳ نامعلوم ٽرين مان ڪري فوت ٿي ويل اڻڄاتل شخص جي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جي لاش کي سول اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش کي لاوارث ڄاڻائي ايڌي ٺٽو حوالي ڪري ڇڏيو آهي.