ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) تاجو ديرو واري علائقي ۾ 21 جريب زمين جي مالڪيءَ تان نظر محمد ڀنڊ ۽ عبدالرسول  ملغاڻي ۾ هلندڙ تڪرار تان ڪجهه ڏينهن اڳ ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا. جھيڙي ۽ زمين جو تڪرار نبيرڻ لاءِ بلوچستان ۾ جرڳو ڪيو ويو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن ۽ برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي. سرپئنچ محمد زمان عمراڻي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد عبدالرسول ملغاڻي مٿان ڀنڊ برادري جي چئن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جو 6 لک ڏنڊ رکيو، جڏھن ته 21 جريب تڪراري زمين مان 14 جريب ڀنڊ برادري ۽ 7 جريب ملغاڻي برادري کي ڏني وئي، ٻنھي ڌرين فيصلو قبول ڪيو ۽ کير کنڊ ٿي ويا.