ٺٽي جي ڪيمپ ۾ 5 ماڻهو فوت ٿي ويا پر ڊي ايڇ او کي خبر نه هئي: وڏو وزير

0
429

ڪراچي/ٺٽو(نمائندن وٽان) سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته برساتي ٻوڏ متاثرن جا اهنج تمام گهڻا آهن، ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ پاڻ امدادي آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهيان

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي ۾ ٻوڏ متاثر ڪئمپ جو دورو ڪيو. جنهن دوران هُن متاثرن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا

ترجمان موجب متاثرن سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندن 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن تي وڏي وزير متاثرن جا مسئلا حل نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڪيمپ ۾ مريضن کي دوائون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي

ڪيمپ تي موجود مريض طرفان انجيڪشن جو ضد

وڏي وزير جي دوري دوران ڪيمپ تي موجود هڪ مريض سنڌ جي وڏي وزير کي چيو ته مونکي بخار آهي انجيڪشن ڏيو، اُتي موجود ڊاڪٽر چيو ته هِن مريض کي انجيڪشن جي ضرورت ناهي

سنڌ جي وڏي وزير مريض کي چيو ته ڊاڪٽر کي فيصلو ڪرڻ ڏيو، پاڻ ڊاڪٽر نه بڻجو، جنهن بعد مريض خاموش ٿي ويو

بجلي ناهي، فون ڪيئن ٿو چارج ڪرين؟

موبائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو

وڏي وزير جي دوري دوران هڪ همراهه وڏي وزير کان فون نمبر ورتو، وڏي وزير غلام حسين نالي همراهه کان سوال ڪيو ته درياهه جي بند تي فون ڪيئن ٿا چارج ڪيو؟

متاثر غلام حسين وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڀرسان مسجد آهي، اتي سولر لڳل آهي ۽ اتي موبائل چارج ڪندو آهيان، وڏي وزير کيس وارڻيو ته مسجد ۾ پهريان نماز پڙهي دعا ڪندا ڪريو پوءِ موبائيل چارج ڪندا ڪريو

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن ڏانهن واپسيءَ تائين سک سان نه ويهنداسين، امدادي ڪارروائين ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين

وڏو وزير سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ضلعي جي متاثر علائقن جو دورو به ڪندو

ھي به پڙھندا

ملير ۾ پناهه وٺندڙ ڌرتي ڌڻين کي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي قبضاگير ڄاڻائي ڇڏيو

ڪاڇي ۾ ٻوڏ جي تباھي بعد مختلف بيمارين منھن ڪڍيو، اسپتالن کي تالا لڳل