اڪري چودڳي (ن پ ا) انسانيت جو درد رکندڙ ماڻهن اڪري چودڳي واسي نينگر جي ترت واهر ڪري کيس يتيمي ۽ نڌڻڪائپ جي احساس مان ڪڍي ورتو. گذريل ڏينهن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ذريعي رپورٽ بعد  پڪاچانگ واسي حفيظ الرحمان شر، ڪراچيءَ مان مخدوم فهيم، مظفر شر ۽ ماجد سنديلو پاران روڪ  يتيم نينگر صداقت شر ۽ سندس گهرڀاتين جي راشن، مڇردانين ۽ رقم جي صورت ۾ واهر ڪئي وئي. ان موقعي تي حفيظ الرحمان شر، مظفر شر، مخدوم فهيم ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ اسان سڀني کي وس آهر هڪٻئي جو مددگار ٿيڻ گهرجي. برسات متاثرن جي هڙان وڙان مدد اسان جو فرض ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جو حق آهي. ان موقعي تي يتيم نينگر صداقت شر ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندڙ سنڌ واسين جي مهرباني، جن بروقت واهرو ٿي يتيم هجڻ جي احساس مان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي.