گلاب لغاري (ن پ ا ) گلاب لغاري ۾ شهرين ۽ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران  شاخن ۾ ڇنڊڻن وارو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽  گھارا بند نه ڪرائڻ خلاف آبپاشي عملدارن خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ان موقعي تي محمد حسن لغاري، محمد صديق لغاري، ميوو لغاري، اسرار لغاري، سليم لغاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته فوري طور تي شاخن کي لڳل گھارا ۽ ڇنڊڻن جو پاڻي بند ڪرائي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو وڃي، ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي،  هنن چيو ته برسات متاثرن جي واهر ناهي ٿي، نوٽيس وٺي راشن ۽ خيما فراهم ڪيا وڃن.