ڪراچي(اسٽاف رپورٽر  ) سنڌ مدرسي ورسٽي جي ملازمن پاران هائوس  الائونس نه وڌائڻ ۽ ملير ڪيمپس مڪمل نه ڪرڻ خلاف ڪراچي پريس  ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي آصف عباسي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان هائوس الائونس نه وڌائڻ ۽ ملير ڪيمپس وارو منصوبو مڪمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيوين پر اسان جا مطالبا منظور ڪرڻ بجاءِ يونيورسٽي انتظاميا هراسان ڪري رهي آهي. هنن چيو ته مطالبا منظور ٿين تائين اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو.