خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ڀرسان ڪشميري ڳوٺ، گلشير ڪٽوهر، رفيق مهيسر، ڏاتو ناريجو، غلام جعفر ناريجو، ڳوٺ کبڙ خان، رپڙي، وڏا مهيسر سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ سم نالي جو 5 کان 7 فوٽ پاڻي بيهجي ويو، ٽن هفتن کان پاڻي بيٺل هجڻ سبب رهواسي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا. جڏهن ته ڳوٺاڻن جا 200 کان وڌيڪ ڍور مري ويا. هوڏانهن اسلام آباد جي هڪ غيرسرڪاري تنظيم جي تعاون سان سم نالي کي بند ڪرڻ ۽ پاڻي نيڪاليءَ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مولانا اويس احمد ڦلپوٽو صحافين کي ٻڌايو ته بااثرن جي ملڪيتن ۽ خيرپور شهر کي بچائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا سم نالي کي هٿرادو ڪٽ لڳايو جنهن سبب هزارين ايڪڙ زمين تي پوکيل فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا، جڏهن ته 500 کان وڌيڪ گهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. ٽي هفتا گذرڻ کان پوءِ به چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي عملدار لڙي به ناهن آيا. ڳوٺاڻا عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ان جي باوجود سم نالي کي لڳايل گهارو بند نٿو ڪرايو وڃي. هن ٻڌايو ته اسلام آباد جي هڪ اين جي او جي مدد سان سم نالي کي لڳل گهارو بند ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.