ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي جي ٽائون ڪاميٽي مڪلي جي حد ۾ ايندڙ سيمينٽ فئڪٽري لڳ ٺٽي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ضلعن جي شاگردن کي اعليٰ درجي تعليمي سهولتن جي فراهمي لاءِ آئي بي اي سکر ۽ سنڌ حڪومت پاران هڪ ارب رپين جي لاڳت کان مٿي 60 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل هڪ خوبصورت آئي بي اي ڪئمپس جي عمارت قائم ڪئي وئي آهي گذريل ٻن سالن آئي بي اي ڪئمپس جي عمارتي ڪم جي مڪمل ٿيڻ باوجواد هن مهل تائين آئي بي اي سکر پاران نئين تعمير ڪيل ٺٽي جي آئي بي اي ڪئمپس جي خوبصورت عمارت ۾ ٺٽي سميت ڀراپسي وارن ضلعن جي شاگردن کي داخلا ڏئي ڪئمپس ۾ تدريسي عمل ناهي شروع ڪيو ويو جنهنڪري هڪ پاسي 2 سالن کان تعمير ڪيل آئي بي اي ڪئمپس ۾ تدريسي عمل شروع نه ٿيڻ ڪري بغير استعمال جي عمارت متاثر ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي ٺٽي جي ضلعي انتظاميه پاران تازين برسات ۽ بوڏ سبب متاثرن لاءِ آيل امداي سامان بسرڪاري گدامن ۾ رکڻ بدارن آئي بي اي ڪئمپس جي خوبصورت ۾ عمارت ۾ آيل امدادي سامان رکرائي ڪئمپس جي عمارت کي گدام ۾ تبديل ڪيو ويو آهي معلوم ٿيو آهي ته آءِ بي اي ڪئمپس جي مختلف حصن ۾ ڪلاسن سان گڏ گرلس ۽ بوائز هاسٽل، وي سي هائوس، آفيسر ۽ ليبر ڪالوني، مسجد، ايڊمنسٽريٽر بلاڪ، ميس پڻ تعمير ٿيل آهن جڏهن  ته 2 مني بسون، ايمبولنس، سوزڪي پڪ اپ، ٽريڪٽر ٽالي، پاڻي ٽانڪي پڻ استعمال نه ٿيڻ سبب تباهه ٿي سخت متاثر ٿي رهيون آهن ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته آئي بي اي سکر پاران 2021ع ۾ عمارت جي مڪمل ٿيڻ شرط ئي تدريسي عملي جي مقرري سان گڏ غير تدريسي عملي جي مقرري ڪري ڪئمپس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي داخلا ڏئي تدريسي عمل جي شروعات ڪرڻ باوجود گذريل ٻن سالن کان تعمير ڪيل خوبصورت ڪئمپس ۾ نه هن مهل تائين تدريسي عملي جي مقرري ڪئي وئي آهي نه ئي غير تدريسي عملي جي مقرري سان گڏ شاگردن کي به داخلا ڏني وئي آهي جنهنڪري ٺٽي ، سجاول ، بدين ، ٽنڊو محمد خان 7 ٻين ضلعن جا هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪئمپس جي چالو نه ٿيڻ ڪري داخلائن کان محروم ٻڻيل آهن.هتان جي سياسي، سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين ايس ٽي پي جي جلال شاهه، ٺٽو شهري اتحاد جي جاويد غني ميمڻ، قومي عوامي تحريڪ جي شبير ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جي ترجمان رمضان ميمڻ، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي جبار ڀنڀرو، جست ڪرناڻي جي راول ڪرناڻي، عوامي تحريڪ جي رزاق چانڊيو، يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي فهد ڪرناڻي ۽ ٻين ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قيمتي عمارت ۽ ان جا مختلف حصا سارسنڀال نه لهڻ ڪري سخت متاثر ٿي کنڊر ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ڪئمپس جي رستن تي لڳايل وڻ پڻ وقت سر پاڻي نه ملڻ سبب وڻ پڻ ختم ٿي ويا آهن. اختياريون نوٽيس وٺن.