ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ پيءَ کانپوءِ پٽ جي کنڀجڻ واري واقعي جي ايس پي سطح جي آفيسر کان جاچ ڪرائڻ جو حڪم، ڪالهه  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران بشيران خاتون عدالت کي ٻڌايو ته منھنجو مڙس پٺاڻ زھراڻي 4 سال اڳ گم ٿي ويو هو، ھاڻ وري منهنجي پٽ عرفان زھراڻي کي  به کنڀي گم ڪيو ويو آهي، مون کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ ۽ مڙس جو ڏوھ ڪھڙو آهي؟ جنھن تي جاچ آفيسر چيو ته اسان سي ڊي آر لاء خط لکي ڇڏيو آھي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ٻڌايو آھي ته پيءِ  پٽ سندن حراست ۾ آهن ، اسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به خط لکي رھيا آھيون، جنهن تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته  ڊي آءِ جي نوجوان جي بازيابي لاءَ ذاتي دلچسپي وٺي، ايس پي سطح جي آفيسر کان جاچ ڪرائي وڃي، عدالت 6 ھفتن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.