بدين (رپورٽر) بدين جي آر او پلانٽ ۾ ڪم ڪندڙ 200 ملازمن کي گذريل اٺن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف آلھڏنو راھمون روشن علي چانڊيو موليڏنو ڇلگري سيد اختر علي شاھ ربڏنو شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته  سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آر او پلانٽ جي ملازمن کي 23 هزار روپين جي حساب سان  پگهارون جاري ڪيون ويون آهن پر بدين جي ملازمن کي پبلڪ هيلٿ کاتي پاران 12 هزار روپين جي حساب سان پگهارون مقرر ھئڻ باوجود اٺن مهينن کان پگهارون نه ملي سگهيون آهن جنهن جي ڪري اسان جا ٻچا ڦاڪاڪشي تي مجبور آهن. هنن چتاءُ ڏيندي چيو  ته اڄ کان اسان آراو پلانٽ مڪمل بند ڪري احتجاج تي نڪتا آھيون جيڪڏهن هفتي اندر پگهارون جاري نه ٿيون ته ايوان صحافت بدين اڳيان علامتي بک هڙتال شروع ڪندا.