ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي بجلي لڳائڻ  تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو ٿي پيو، مامن لٺيون ۽ سروٽا هڻي مولا بخش سرڪي، صفر الدين سرڪي، خادم حسين سرڪي، صدر الدين سرڪي، نظام الدين سرڪي ۽ قمر الدين سرڪي سميت 6 ڄڻن کي رتورت ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي ٺل تعلقه اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين مان ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ هجڻ ڪري لاڙڪاڻي منتقل ڪيو.