ٺٽو ( رپورٽر ) پراسرار نموني گم ٿي ويل مڪلي واسي نوجوان جو لاش ڪينجھر  مان هٿ آيو آهي. 3 ڏينهن اڳ پوليس لائين مڪلي واسي سبحان چنجڻي جي پراسرار نموني گم ٿي ويل 19 ورهين جي نوجوان پٽ بهادر چنجڻي جو لاش ڪينجھر ڍنڍ مان اطلاع ملڻ تي پوليس هٿ ڪري سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ۽ نوجوان جي وارثن ڪينجھر پهچي لاش جي پڻ بهادر پٽ سبحان چنجڻي طور ڪئي جڏهن ته ڪينجھر پوليس چواڻي ته نوجوان آچر ڏهاڙي گھران مڪلي ۾ گم ٿي ويو هيو پوليس موجب وارثن نوجوان جي گم ٿيڻ جي رپورٽ حد جي ٿاڻي تي داخل ڪندي ڳولا به ڪئي جڏهن ته ڪينجھر پوليس وارثن جي حوالي سان نوجوان جي موت جو ڪارڻ ڊپريشن ۾ اچي نوجوان پاران خودڪشي ڄاڻايو آهي ٻئي پاسي ٺٽي جي ايس ايس پي عديل چانڊيو پڻ “پنهنجي اخبار” جي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته نوجوان جي وارثن نوجوان پاران رپورٽ ۾خودڪشي ڄاڻائي وئي آهي ۽ پڻ اهڙي رپورٽ ٿاڻي تي درج ڪئي وئي هوڏانهن ڪينجھر پوليس پڻ نوجوان جي مڙھ کي اسپتال جي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته نوجوان جي مڙھ گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو