ٺل: مقابلي ۾ ماريل ٻن ڌاڙيل ڀائرن جا مڙهه وارثن حوالي

0
353
ٻن ڌاڙيل ڀائرن جا مڙهه وارثن حوالي
ٺل: مقابلي ۾ ماريل ٻن ڌاڙيل ڀائرن جا مڙهه وارثن حوالي

ٺل: پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيل ڇوٽو بنگلاڻي ۽ سندس ڀاءُ حليم بنگلاڻي جا لاش 9 ڪلاڪن بعد وارثن حوالي ڪيا آهن

ڇوٽو بنگلاڻي ۽ سندس ڀاءُ عبدالحليم بنگلاڻي جا لاش بااثرن جي معرفت وارثن حوالي ڪيا ويا آهن

پوليس موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڍوري واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، جنهن دوران بدنام ڌاڙيل ڇوٽو بنگلاڻي ۽ سندس ڀاءُ حليم بنگلاڻي مارجي ويا

پوليس موجب ڏوهارين جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار به زخمي ٿي پيا، ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنو موجب مارجي ويل ڇوٽو بنگلاڻي مٿان مختلف ٿاڻن تي 25 ڪيس داخل هئا ۽ مٿس 5 لک رپيا انعام رکيل هو، سندس ڀاءُ حليم بنگلاڻي تي به ڪيترائي ڪيس داخل هئا