پاڪستاني سرڪار جي ويب سائيٽ تي سائبر حملو، پي ٽي اي خبردار ڪري ڇڏيو

0
235
سرڪار جِي ويب سائيٽ تي سائبر حملو
اسلام آباد: پاڪستاني سرڪار جِي ويب سائيٽ تي سائبر حملو ٿيو آهي، آءِ ٽي وزارت موجب حملي جو پتو لڳايو ويو آهي

اسلام آباد: پاڪستاني سرڪار جِي ويب سائيٽ تي سائبر حملو ٿيو آهي، آءِ ٽي وزارت موجب حملي جو پتو لڳايو ويو آهي

پي ٽي اَي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ٽي وزارت ۽ پي ايم آفيس جِي ويب سائيٽ تي سائبر حملو ٿيو آهي، حتمي رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي، هيڪنگ ناهي ٿي

ڊي ڊاس سائبر حملي سان نقلي ٽريفڪ پيدا ڪري سسٽم بند ڪيو ويندو آهي، اُن حملي سان اين ٽي سي سان واڳيل سرڪاري ۽ نجي ادارا متاثر ٿيا

پي ٽي اَي موجب سائبر حملي سان ايف بي آر، اسٽيٽ بينڪ ۽ نادرا جون ويب سائيٽس متاثر ناهن ٿيون، خرابي ختم ڪرڻ لاءِ پي ٽي اَي چيئرمين پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي