ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺ ڍيڍاڻو جي رهواسين جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ راشن نه ملڻ تي انتظاميا ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن خلاف ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاج. تفصيل موجب ٺري ميرواھ جي ڳوٺ ڍيڍاڻو واسين پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ٺري- نارو روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين شير دستي، عابد دستي، مجاهد ۽ ٻين احتجاج ڪندي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته برساتن سندن سڄو ڳوٺ تباھ ڪري ڇڏيو، سمورا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا پر هن وقت تائين برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا آهن، نه وري تڪ جي چونڊيل نمائندن ڪا سار لڌي آهي. اهڙي صورتحال ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي مالي سهائتا ڪري فاقاڪشيءَ مان بچايو وڃي.