ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيل ملز ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب طرفان نيب ريفرنس احتساب عدالت نمبر 3 مان ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ واري درخواست تي نيب عملدارن کي نوٽيس جاري ڪري 23 سيپٽمبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته احتساب عدالت نمبر 3 ۾ 2 ريفرنس التوا هيٺ آهن، ڄاڻايل عدالت گذريل 9 مهينن کان خالي پيل آهي، انهي ڪري ٻئي ريفرنس ڪنهن ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪيا وڃن.