ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه مان 5 ڏينهن کان اڳ مبينا اغوا ٿيل نينگر کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ ڪاروائي ڪري ليمن جي باغ مان 7 سالن جي ٻارڙي زين راجپوت کي بازياب ڪرايو، جڏهن ته ڪارروائي دوران ٻارڙي کي اغوا ڪندڙ جوابدار اختر سولنگي فرار ٿي ويو، جنهن جي عيوضي ۾ سندس ڀاءُ ڏاڙھو سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ آھي ته ٻارڙو کڻي ايندڙ شخص ذهني مريض آھي، ٻئي پاسي ٻارڙو گهر پهچڻ تي سندس گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.