ٺل (ن پ ا) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باگڙ لاڙي وٽ ٻه هفتا اڳ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب هڪ نوجوان مختيار احمد پهوڙ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته ٻيو نوجوان دائود پهوڙ کي نازڪ حالت ۾ ٺل جي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر جي غفلت سبب فوت ٿي ويو، ڪالهه ٽرڪ مالڪ نقيب الله پٺاڻ چڱا مڙس ساڻ ڪري جونگل ڀرسان ڳوٺ بلاول پهوڙ پهتو، جتي موجود ڳوٺاڻن بلاول خان پهوڙ ۽ ٻين آيل ميڙ کي مان ڏيندي ٻنهي نوجوانن جا خون معاف ڪري ڇڏيا، ڳوٺ جي چڱي مڙس بلاول پهوڙ ٻڌايو ته اسان آيل ميڙ کي مان ڏيندي ٻنهي نوجوانن جا خون معاف ڪيا آهن، ڪوبه معاوضو ناهي ورتو،ياد رهي ته ٻه هفتا اڳ روڊ حادثي ۾ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان مختيار احمد ۽ دائود پهوڙ فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو هو جنهن کي لاڙڪاڻي اسپتال داخل ڪيو ويو هو, اي سيڪشن ٿاڻي تي فوتي جي وارثن جي فرياد تي ٽرڪ مالڪ سميت ٻين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.