ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ۾ ڦر وارداتن کي ٻنجو نه آيو، هٿياربند 2 واپارين کان 3 لک روڪ ۽ موبائل ڦري ويا، واپارين، شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن اڄ شهر ۾ شٽربندهڙتال جو سڏ ڏنو آهي.لائين پراڻي پوليس چيڪ پوسٽ ڀرسان ڪڻڪ جي واپاري سرون ڪمار ڪڪريجا کان موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند 2 لک روڪ رقم ۽ ھڪ موبائل ڦري ويا،  ڪشمور ٿاڻي کان چند ميٽرز جي مفاصلي تي ڀاڻ جي ڊيلر مولچند کان ھٿياربند ھڪ لک رپيا روڪ رقم ۽ 2 موبائل کسي ويا، ڪشمور جي ھندو پنچائت، واپارين، شھرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران وڌندڙ بدامني ۽ پوليس خلاف اڄ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو آهي.متاثر واپارين سرون ڪمار ڪڪريجا ۽ مولچند ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته پوليس بدامني روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي ڪشمور پوليس جي ناقص ڪارڪردگي خلاف اڄ ھندو پنچائت، سياسي سماجي تنظيمن واپارين ۽ شھرين طرفان شٽر بند هڙتال ڪندي پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي.