ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺارو شاهه جي دستگير ڪالوني واسي عورت مومل ڪلهوڙو نياڻي جي مبينا اغوا خلاف احتجاج ڪيو، هن چيو ته هو ڪيتري ئي عرصي کان ڪراچي ۾ رهن ٿا، جتي سندس نياڻي تانيا ڪلهوڙو جي شادي پنهنجي ئي برادري جي نوجوان محڪوم ڪلهوڙو سان ٿي، هن ٻڌايو ته شادي جي 6 مهينن بعد محڪوم منهنجي نياڻي کي بنا جواز مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، جيڪا منهنجي گهر رهندي هئي، هن چيو ته 8 ڏينهن اڳ نياڻي گهر جو سامان وٺڻ دڪان تي وئي، جتان گم ٿي وئي آھي، هن چيو ته شڪ آھي ته منهنجي نياڻي کي سندس مڙس اغوا ڪري وڪرو ڪري ڇڏيو آھي، هن اختيارين کي نياڻي بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.