خيرپور (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي ڪچن ملازمن کي ٽن مھينن کان ماهوار پگهارون نه ملڻ خلاف جادو شاهه موڙ تي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ۽ ميونسپل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ملازمن اڳواڻن جاويد علي، الله ڏتو، عزيز الله، اياز علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ميونسپل ڪاميٽي جا ڪچا ملازم ايمانداريءَ سان ڊيوٽيون ڪري رھيا آھن، ان جي باوجود ايڊمنسٽريٽر طرفان ڪچن ملازمن کي ٽن مهينن کان پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن. پگهارون بند هجڻ سبب معصوم ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي ڪچن ملازمن جون پگهارون جاري ڪري کين فاقاڪشيءَ کان بچايو وڃي.