ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه مان گهر ٻاهران راند ڪندي ٻارڙو پراسرار نموني گم، وارث پريشان، اغوا جو شڪ، خبر موجب شهر جي قاضي محلي مان پورهيت گلو راجپوت جو 7 سالا پٽ زين راجپوت گهر ٻاهران راند ڪندي پراسرار نموني گم ٿي ويو، پورهيت ٻڌايو ته پٽ گهر ٻاهران گم ٿي ويو، شھر ۾ ڳولا ڪئي آھي، مسجدن ۾ پڻ پڙھا ڏيارايا آھن پر ٻالڪ جو ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، هن شڪ ظاهر ڪيو ته پٽ کي ڪير اغوا ڪري ويو آھي،  هن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.