ٽنڊو آدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊو آدم ۾ وياج خور گرفتار، وارثن جو ٿاڻي تي هنگامو، سب انسپيڪٽر سميت  اهلڪارن سان جهيڙو، هڪ اهلڪار جا ڪپڙا ڦاٽي پيا، 4 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل، رپورٽ موجب سٽي پوليس وٽ ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ جي پٽيوالي رسول بخش جوڻيجو مبينا طور هڪ وياج خور عبدالحڪيم پٺاڻ خلاف رپورٽ داخل ڪرائي ته هن کان وياج تي هڪ لک رپيا کنيو هو، جنهن مان هو هڪ ڪروڙ کان مٿي وياج ڀري چڪو آھي، پر قرض ختم نٿو ٿئي، متاثر موجب منهنجو چيڪ بوڪ پٺاڻ وٽ گروي پيل آھي، پوليس ڪاروائي ڪري عبدالحڪيم پٺاڻ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ سندس وارث رمضان پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي تي پهتا، جن اتي موجود سب انسپيڪٽر غلام عباس هڱورو ۽ ٻين پوليس اهلڪارن سان منهن ماري ڪئي ۽ ٿاڻي اندر داخل ٿي هنگامو ڪيو، ان دوران وڳوڙي اهلڪارن کي ڌڪا ڏنا ۽ هٿين پئجي ويا، جنهن دوران اهلڪار امير علي جي شرٽ ڦاٽي پئي، پوليس رمضان پٺاڻ، رضا خان، غلام غوث سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار ٿيلن سميت 2 نامعلوم ماڻھن تي هنگامو ڪرڻ، ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.